Mir Fateh Ali Shah

Home Articles Videos

امن جو رستو

دور حاضر جي محنتي نسل پنهنجي ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ ، معاشري ۾ پر امن تبديلين آڻڻ جي واسطي رڌل آهي ، جن جي لاڳيتي جاکوڙ قابل داد بي مثال ۽ تاريخ جي صفحن ۾ پنهنجو مقام پاڻ آهي ، پر انکي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ سنوارڻ جي لاءِ نسل آدم کي پر اعتماد ۽ باوقار ڪردار جي تخليق ، روشن وسيع ۽ اونهي سوچ ، اعليٰ نگاهه ۽ بلند ذهن جي حاصلات لاءِ امن جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو ، جنهن کي انگريزي ۾ ۽ عربي ۾ دين اسلام چئي سگهون ٿا . اسلام هڪ اهڙي بايقين ڪردار تخليق ڪرڻ جي دعوت ڏي ٿو جنهن ۾ وهم ۽ شڪ جي ڪابه گنجائش ناهي جنهن لاءِ ايمان جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي ، ڄڻ ته يقين جو وجود ڪامل ٿيڻ کان پوءِ ئي ايمان جنم وٺندو آهي . ايئن چئي سگهون ٿا ته ايمان جو سج يقين جي سرسبز ۽ شاداب بستي تي ئي اڀرندو آهي .جتي جي آبهوا شڪ جي ڪنڊن لاءِ موت جو سبب آهي ، ۽ اتي جي مٽي اهڙي گاهه گند کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آهي . مثلن جي ڪڏهن ڪوئي شخص اهڙي غلط فهمي جو شڪار ٿي وڃي ته ان تي نظر رکي ٿي وڃي ۽ انجي تمام عملن کي ڳجهن ذريعن سان رڪارڊ ڪيو ٿو وڃي ته يقينن اهو پنهنجي معاملن ۾ باخبر رهڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ اهڙي ڪم ڪرڻ کان پاڻ کي بچائيندو رهندو جن جي ڪرڻ سان بعد ۾ هو ڪنهن مشڪل ۾ اچي وڃي .
پوءِ اهو خيال وهم جي دائري مان نڪري جيڪڏهن يقين جي دائري ۾ اچي وڃي ته پوءِ ان شخص جي ڪارڪردگي ۾ وڏي تبديلي اچي ويندي اهو هر قسم جي غلط ۽ فضول ڪمن کان توهان کي محفوظ نظر ايندو. ۽ جيڪڏهن ان شخص جو اهو خيال يقين جي دائري مان نڪري ڪري ايمان جي دائري ۾ داخل ٿي وڃي ته هاڻي توهان ان جي زندگي جي معاملن جي باري ۾ ڇا محسوس ڪندا ؟؟؟ هاڻي روزانو هوءَ ڪيترا غلط ڪم ڪندو ؟؟؟ ۽ جيڪڏهن اها سوچ تمام انسانن جي ٿي وڃي ، ته الله رب العزت جا فرشتا انهن جي تمام معاملن نظر رکندا آهن ، ۽ هڪ ڏينهن کين پنهنجي هر لمحي جو حساب ڏيڻو پوندو. ته روز هن دنيا ۾ ڪيترا گناه (جرم) ٿيندا ؟؟؟ اسان پنهنجي زندگي جو نه ڄاڻي ڪيترو حصو لاشعوري حالت ۾ گذاري ڇڏيندا آهيون
ٿورو سوچيو
هڪ ماڻهو جيڪو لاشعوري زندگي جيءَ رهيو آهي ، ته انجي شعوري ارتقاءَ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي ؟؟؟ جيڪڏهن توهان مٿين سوالن تي غور ڪندا ته يقينن دنيا ۾ امن قائم ٿي ويندو ، انساني نسل زندگيءَ مان لطف اندوز ٿي سگهندي .
۽ اسان جون اچڻ واريون نسلون بلنديءَ جو اهو مقام حاصل ڪنديون جنهن جو اڄ اسانکي ڪوبه اندازو ناهي .

اشاعت جي تاريخ 2011
مصنف: Mir Fateh Ali Shah | مترجم :- Sajjad Ali Jalbani

ساڳيو مضمون ٻين زبانن ۾

 

ساڳئين موضوع تي وڌيڪ ڄاڻ

سنڌي زبان ۾ ٻيا مضمون

 

توهانجي رائي